پئيتو پدري نظام

پئيتو/ پدري نظام (Patriarchy): پيءُ يا مرد جي حاڪميت وارو نظام، انگريزيءَ لفظ ’Patriarchy‘ مان نڪتو آهي، جنهن جو بنياد لاطيني لفظ ’Pater‘ (پيءَ) آهي، ان مان مراد ڪٽنبن اندر پيئرن جي بااختيار حيثيت به آهي. ڪنهن معاشري کي ان وقت پيئتو/ پدري سمجهيو ويندو آهي، جڏهن اقتدار ۽ اختيار مردن کي موروثي طور منتقل ٿين ۽ جڏهن عظيم ڪارناما ۽ تاريخي واقعا مردن جي عمل سان منسوب ڪيا ويندا هجن، مثال طور: رومن ڪئٿولڪ، ڪليسيا کي يقين آهي ته پيءُ (خدا) پنهنجي اٿارٽي بشپ کي منتقل ڪئي، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن پيٽريارڪ (وڏڙو) چيو ويو. رومن ڪئٿولڪ ڪليسيا ۾ رڳو مردن کي بشپ ٿيڻ جي اجازت آهي. قديم زماني ۾ يورپي مفڪرن جو خيال هو ته مردن جي برتري فطري يا خدا طرفان جوڙيل معاشرتي نظام هو. ارڙهين صديءَ کان پوءِ هي نظريو ڪمزور ٿيڻ لڳو، جنهن جو وڏو سبب عورتن جي حقن جي تحريڪ هئي، ان تحريڪ عورتن جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي واڌ ڏني، پر ويهين صديءَ ۾ عورت پسنديءَ خلاف جذبات اڀرڻ لڳا ۽ مذهبي بنياد پرستيءَ جي واڌويجهه سان گڏ دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پئيتو نظام، خدا جو ٺاهيل ۽ فطري نظام سمجهيو ويو.
سترهين صديءَ ۾ ڪجهه سياسي مفڪرن پيءُ ۽ بادشاهه جي اختياري حيثيت جي ڀيٽ ڪئي. مثال طور: انگريز سياسي نظريه دان سر رابرٽ فلمر دليل ڏنو ته پٽ پنهنجي پيئرن جي اطاعت ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيندا آهن، ان ڪري ڪنهن مرد جي اٿارٽيءَ جي سياسي خدمت فطري شرط هو. سترهين صديءَ جي انگريز فلسفي جان لاڪ جيڪو پيئيتي نظام جو سخت مخالف هو، ان فلمر جي انهيءَ خيال کي رد ڪري ڇڏيو، هو ان ڳالهه تي يقين رکندو هو ته حاڪميت جو سرچشمو عوام آهي ۽ اهو بادشاهن جو خدائي حق ناهي، پر لاڪ
جو نظريو گهر جي سطح تي لاڳو نه ٿو ٿئي، ڇو ته هن جو تصور هو ته عورتون فطري ۽ رضاڪاراڻي طور پنهنجي پيئرن ۽ مڙسن جي خدمت ڪن ٿيون.
اڻويهين صديءَ جي جرمن سياسي ۽ معاشي ماهر فريڊرڪ اينگلس چيو ته: ”شروعاتي قديم معاشري ۾ مائيتو نظام هو، جنهن ۾ ملڪيت ڌيءَ جي نسبي سلسلي کان شروع ٿيندي هئي، معاشري جي ارتقا ۽ وڌيڪ مهذب ٿيڻ بعد مرد پنهنجي ملڪيت اولاد کي منتقل ڪرڻ جو خواهشمند ٿيو، ان ڪري مردن عورتن جو راڄ ختم ڪري پيئتو نظام قائم ڪيو.“
ويهين صديءَ جي سياسي مفڪرن کي يقين هو ته پئيتي نظام مان مراد هڪ حڪومتي طرز آهي، جيڪا سترهين صديءَ جي آخر ۾ انفرادي حق ۽ شخصي آزاديءَ جو نظام عام ٿيڻ تي ختم ٿي وئي، پر هي نظريو ان ڳالهه جي وضاحت نه ٿو ڪري ته جنسي اڻبرابري ڇو قائم رهي؟ سياسي مفڪر اڃا تائين ان چئلينج کي نبيرڻ ۾ مصروف آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو